اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم عمران خان پهرين فيبروري تي شام جو 4 وڳي فون تي براه راست عوام جي سوالن جا جواب ڏيندو. ان حوالي سان سڌ سماع واري وفاقي وزير شبلي فراز جو چوڻ آهي ته وزيراعظم سڀاڻي پاڻ سڌو سنئون عوام سان فون وسيلي رابطي ۾ ايندو، عوام وزير اعظم کان فون تي سوال ڪرڻ لاءِ فون نمبر 9210809-051 تي رابطو ڪري سگهن ٿا، فون لائين شام 4 وڳي کولي ويندي.










