اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف اربع ڏينهن ڪويت جي پرڏيهي وزير سان ملاقات دوران پاڪستان جي ان عزم جو اظهار ڪيو ته هو ڪويت سان مختلف شعبن ۾ سهڪار کي وڌيڪ مضبوط ڪندو.
وزيراعظم هائوس (PMO) موجب، سرڪاري دوري تي پاڪستان آيل ڪويت جي پرڏيهي وزير شيخ جراح جابر الاحمد الصباح جو وزيراعظم گرمجوشي سان استقبال ڪيو.
ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار کانسواءِ دفاع، واپار، قومي خوراڪ ۽ تحقيق، مواصلات، سامونڊي معاملن ۽ پيٽروليم بابت وفاقي وزير پڻ شريڪ هئا. وزيراعظم جو صلاحڪار ۽ ٻيا سينيئر سرڪاري عملدار پڻ موجود هئا.
وزيراعظم هائوس جي بيان موجب، وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن ۾ مثبت اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان واپار، سيڙپڪاري، توانائي، زراعت، انفارميشن ٽيڪنالاجي، سامونڊي معاملن ۽ انساني وسيلن جي ترقي سميت مختلف شعبن ۾ ڪويت سان سهڪار وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي.
ٻنهي اڳواڻن علائقائي صورتحال تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف ڪويت جي قيادت ۽ عوام سان پاڪستان جي يڪجهتي جو اظهار ڪندي وچ اوڀر ۾ جاري تڪرار دوران ڪويت ۽ ٻين خليجي ملڪن تي ٿيل حملن جي سخت مذمت ڪئي.
هن چيو ته پاڪستان علائقائي امن لاءِ هڪ “ايماندار ۽ مخلص ثالث ۽ سهولتڪار” طور پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، ۽ ان سلسلي ۾ ڪويتي قيادت جي حمايت تي ٿورا مڃيا.
بيان موجب، شيخ جراح جابر الاحمد الصباح پڻ گڏيل مفادن وارن شعبن ۾ پاڪستان سان ٻطرفي سهڪار کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.
هن پاڪستان، خاص طور تي وزيراعظم شهباز شريف، نائب وزيراعظم اسحاق ڊار ۽ چيف آف آرمي اسٽاف فيلڊ مارشل عاصم منير جي انهن “قيمتي ڪوششن” کي ساراهيو، جن ذريعي موجوده بحران جي حل ۽ خطي ۾ امن جي بحالي لاءِ ڳالهين ۽ سفارتڪاري کي اڳتي وڌايو ويو.
وزيراعظم هائوس موجب، ٻنهي ڌرين گڏيل دلچسپي وارن معاملن تي لاڳيتو مشاورت ۽ رابطن جي اهميت تي زور ڏنو ۽ ويجهي مستقبل ۾ وفدن جي مٽاسٽا تي اتفاق ڪيو ته جيئن انهن ڳالهين کي اڳتي وڌائي سگهجي.
وزيراعظم ان موقعي تي ڪويت جي ولي عهد کي به پنهنجي دعوت ورجائيندي چيو ته هو ٻنهي ملڪن لاءِ مناسب وقت تي پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪن.
اسحاق ڊار ۽ ڪويتي پرڏيهي وزير جي ملاقات
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار پڻ ڪويت جي پرڏيهي وزير سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ وچ اوڀر جي صورتحال تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. پرڏيهي آفيس (FO) موجب، پرڏيهي وزارت ۾ ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ گرمجوشي ۽ تعميري ماحول ۾ ملاقات ٿي.
بيان موجب، ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ ڪويت جي ٻطرفي لاڳاپن جي سمورن پهلوئن جو جائزو ورتو ۽ ٻنهي ملڪن جي ڊگهي عرصي کان قائم ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي گڏيل عزم جو اظهار ڪيو.
انهن علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، جنهن ۾ خاص طور تي وچ اوڀر جي بدلجندڙ صورتحال تي ڌيان ڏنو ويو.
ان کانپوءِ ٻنهي اڳواڻن وفدن جي سطح تي ڳالهين جي گڏيل صدارت ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب، ڳالهين دوران واپار، سيڙپڪاري، توانائي، مزدورن، زراعت، انفارميشن ٽيڪنالاجي، صحت، معدنيات، دفاع ۽ مجموعي اقتصادي ڀائيواري ۾ سهڪار وڌائڻ جي طريقن تي غور ڪيو ويو.
ٻنهي ملڪن ان ڳالهه تي به اتفاق ڪيو ته ادارن جي وچ ۾ رابطن کي وڌيڪ مضبوط بڻائي ۽ اعليٰ سطحي وفدن جي باقاعده مٽاسٽا ذريعي ٻطرفي سهڪار کي وڌيڪ منظم ڪيو ويندو.
پرڏيهي آفيس موجب، ٻنهي ڌرين گڏيل دلچسپي وارن معاملن تي گهڻ رخي عالمي فورمن تي ويجهي رابطي ۽ تعاون جاري رکڻ جي عزم جو به ورجاءُ ڪيو.
پاڪستان جي مهمان نوازي جي ساراهه
پرڏيهي آفيس موجب، ڪويت جي پرڏيهي وزير پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام جي طرفان پاڻ ۽ سندس وفد جي گرمجوش استقبال ۽ بهترين مهمان نوازي تي ٿورا مڃيا.
هن ڪووڊ-19 وبا دوران ڪويت جي مدد ڪرڻ تي پاڪستان جي ڪردار کي پڻ ساراهيو. ان دوران پاڪستان، ڪويت جي درخواست تي، سوين طبي عملي کي خليجي ملڪ موڪلڻ لاءِ هڪ معاهدي تي صحيحون ڪيون هيون.
اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان ڪويت سان پنهنجي ڊگهي عرصي کان قائم ڀائراڻن لاڳاپن کي انتهائي اهميت ڏئي ٿو ۽ گڏيل فائدي واري ڀائيواري کي هر شعبي ۾ وڌيڪ وڌائڻ جو خواهشمند آهي.
ٻنهي اڳواڻن وچ اوڀر ۽ فلسطين سميت علائقائي ۽ عالمي معاملن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ڪويت جي پرڏيهي وزير خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي فروغ لاءِ پاڪستان جي مثبت ۽ تعميري ڪردار کي ساراهيو.
ڪويت جي پرڏيهي وزير فيلڊ مارشل عاصم منير سان به ملاقات ڪئي ٻنهي ملڪن ۾ دفاي تعاون بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي.
دوري جي پڄاڻي
ڪويت جي پرڏيهي وزير پاڪستان جو ڪامياب سرڪاري دورو مڪمل ڪرڻ کانپوءِ اسلام آباد مان روانا ٿي ويا. پرڏيهي آفيس موجب، اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي پرڏيهي وزارت جي ايڊيشنل سيڪريٽري (وچ اوڀر) زاهد حسين کين الوداع ڪيو.










