وزيراعظم جي ٻيهر وفد سميت مسجد نبوي تي حاضري

وزيراعظم جي ٻيهر وفد سميت مسجد نبوي تي حاضري

مدينه (ويب ڊيسڪ)وزيراعظم شهباز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر مسجد نبوي ۾ روضه رسول جي زيارت ڪئي.سعودي عرب جي دوري تي پاڪستان جي وزيراعظم شهباز شريف سان گڏ پاڪستاني وفد به ٻيهر روضه رسول جي زيارت ڪئي. شهباز شريف رياض الجنت ۾ نوافل ادا ڪيا ۽ ملڪ جي سلامتي، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ دعا گهري.وزيراعظم شهباز شريف فجر جي نماز کانپوءِ مديني منوره پهتو. شهباز شريف جي جمعي جي نماز کانپوءِ جده روانگي جو امڪان آهي، وزيراعظم شهباز شريف اڄ عمرو ادا ڪندو ۽ مسجد الحرام ۾ تراويح جي نماز ادا ڪندو.

پهنجو تبصرو موڪليو