اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف مسلم ليگ (ن) جي صدر ميان نواز شريف سان رائيونڊ لاهور ۾ ملاقات ڪئي. اسلام آباد مان وزيراعظم آفيس جي پڌرائي موجب، ملاقات ۾ پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز ۽ نائب وزيراعظم اسحاق ڊار پڻ موجود هئا. وزيراعظم آفيس جي پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته ملاقات دوران ملڪ جي مجموعي ۽ سياسي صورتحال تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.










