وزيراعظم بي اختيار ٿيو ته نظام ڇڙواڳ ٿي ويندو؛ سپريم ڪورٽ

وزيراعظم بي اختيار ٿيو ته نظام ڇڙواڳ ٿي ويندو؛ سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سپريم جوڊيشل ڪائونسل خلاف درخواست تي ٻڌڻي دوران جسٽس عمر عطا بنديال رمارڪس ڏنا آهن ته وزيراعظم بي اختيار ٿيو ته سڄو نظام ڇڙواڳي جي نذر ٿي ويندو. سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 10 رڪني فل ڪورٽ درخواست تي ٻڌڻي ڪئي جنهن ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي وڪيل رضا رباني دليل ڏنا. ٻڌڻي دوران هن عدالت کي ٻڌايو ته ريفرنس جي بدنيتي جو جوڊيشل ڪائونسل جائزو نه ٿي وٺي سگهي جنهن تي منصور علي شاهه چيو ته ڇا ادارا ريفرنس داخل ڪرڻ لاءِ مواد گڏ ڪري سگهن ٿا. رضا رباني جو چوڻ هو ته ججن خلاف مواد اثاثن جي رڪوري يونٽ گڏ ڪيو آهي جڏهن ته ادارا پاڻ مرادو مواد گڏ نه ٿا ڪري سگهن اثاثا يونٽ صرف وحيد ڊوگر جي درخواست صدر کي موڪلي سگهي پيو. جسٽس منيب اختر رمارڪس ڏنا ته توهان جا دليل افتخار چوڌري فيصلي جي برعڪس آهن. رضا رباني چيو ته اثاثن جي رڪوري يونٽ ايف آءِ اي، ايف بي آر ۽ آءِ ايس آءِ کي متحرڪ ڪري مواد گڏ ڪيو ويو. جسٽس منيب اختر چيو ته عدالتي فيصلي مطابق ججن خلاف شڪايتن سان گڏ مواد گڏ ڪري سگهجي ٿو شڪايتن جي تصديق ۽ انڪوائري ۾ وڏو فرق آهي. هن سوال ڪيو ته ڇا توهان چاهيو ٿا ته صدر تصديق بغير شڪايتون ڪائونسل کي موڪلي. رضا رباني چيو ته ايف آءِ اي ۾ ججن خلاف مواد جمع ڪرڻ لاءِ خصوصي اجلاس منعقد ٿيا. جسٽس عمر عطا بنديال جو چوڻ هو ته هڪ موقف آيو ته صدر جي اجازت سان ججن خلاف مواد گڏ ڪري سگهجي ٿو ٻيو موقف آيو ته جوڊيشل ڪائونسل جي هدايتن تي مواد جمع ٿي سگهي ٿو ڇا حڪومت صدر کي ريفرنس لاءِ نامڪمل شڪايتون يا ٻيو مواد موڪليندي. هن جو چوڻ هو ته جن باريڪين ۾ توهان وڃي رهيا آهيو اها پنهنجي جڳهه تي اهم هوندي ججن جو احتساب مرڪزي ۽ اهم نقطو آهي. هن چيو ته افتخار چوڌري ڪيس ۾ ريفرنس جي ميرٽ تي ڪا ڳالهه نه ٿي افتخار چوڌري ڪيس ۾ بدنيتي صدر پاڪستان طرفان ٿي. هن وڌيڪ چيو ته سپريم ڪورٽ افتخار چوڌري ڪيس ۾ ڪيترن ئي اصولن کي نظرانداز ڪيو ويو جسٽس فائز عيسيٰ ڪيس ۾ به عدالت ڪجهه اصول وضع ڪندي. رضا رباني جو چوڻ هو ته ججن جي مقرري ۾ ايگزيڪٽو ۽ صدر جو ڪو به ڪردار ناهي ته پوءِ ججن خلاف انڪوائري جو حڪم ڪيئن ٿو ڏئي سگهجي. جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته وزيراعظم جو عهدو آئيني آهي هو حڪومت جو سربراهه ۽ قائد ايوان آهي وزيراعظم بي اختيار ٿيو ته سڄو نظام ڇڙواڳ ٿي ويندو. هن چيو ته عدالت وزيراعظم جو تمام گهڻو احترام ڪندي آهي وزيراعظم جو ڪو ڪردار نه هجي ته نظام ڪيئن هلندو. رضا رباني چيو ته مان به وزيراعظم جي تمام گهڻي عزت ڪيان ٿو.هن لاهور هاءِ ڪورٽ جي سنگين غداري ڪيس فيصلي جو حوالو ڏيندي چيو ته جيڪڏهن بنياد غير قانوني هجي ته ان تي قائم ڪيل عمارت ڪري پوندي آهي. هن چيو ته جيڪڏهن ڪيس قانون جي برخلاف قائم ڪيو وڃي ته ان جي سڄي ڪارروائي کي ڪالعدم قرار ڏئي سگهجي ٿو. لاهور هاءِ ڪورٽ پرويز مشرف سنگين غداري ڪيس ۾ ڪيس جي بنياد غير قانوني ٿيڻ ي سڄي ڪارروائي کي ڪالعدم قرار ڏنو بحيثيت مان پاڻ ان فيصلي کان متفق ناهيان پر ان باوجود اهو فيصلو موجود آهي. هن چيو ته ججن خلاف ريفرنسز به بدنيتي تي ٻڌل آهن جيڪڏهن ان ڳالهه جي اجازت ڏني وئي ته فلڊ گيٽس کوليا ويندا. جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته ريفرنس جي مواد جي تصديق صرف ايگزيڪيٽو ئي ڪر سگهي ٿو. هن پڇيو ته ڇا جج خلاف مواد جو وزيراعظم ذريعو بڻجي سگهي ٿو. جنهن تي رضا رباني عدالت کي ٻڌايو ته جج جي شڪايتن جو ذريعو وزيراعظم به ٿي سگهي ٿو. جسٽس يحييٰ آفريدي ان جي ڳالهه ٻڌي چيو ته اهو تسليم ڪرڻ توهان جي دليل جي منافي آهي. جسٽس منصور علي شاهه پڇيو ته ڇا وزيراعظم معلومات جي بنياد تي ريفرنس داخل ڪرڻ لاءِ مواد گڏ ڪري سگهي ٿو جنهن تي رضا رباني چيو ته وزيراعظم پاڻ کان مواد گڏ نه ٿو ڪري سگهي. جسٽس منصور علي شاهه چيو ته وزيراعظم معلومات ملڪ جي صدر سامهون رکندو. رضا رباني چيو ته انڪوائري ڪرڻ جو اختيار جوڊيشل ڪائونسل جو آهي. جسٽس عمر عطا بنديال رمارڪس ڏنا ته جوڊيشل ڪائونسل ۾ شوڪاز نوٽيس بعد گواهه پيش ٿيا آهن. جسٽس مقبول باقر پڇيو ته ڇا حڪومتي مشينري کي جج خلاف ڪيس ٺاهڻ لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو. جنهن تي رضا رباني جواب ڏنو ته حڪومتي مشينري کي جج خلاف ريفرنس بڻائن لاءِ استعمال نه ٿو ڪري سگهجي. هن چيو ته منهنجو سوال اهو آهي ته ملڪ جو صدر ۽ وزيراعظم اهڙي ڪا به انڪوائري نه ٿا ڪرائي سگهن اهڙيون انڪوائريون غير قانوني هونديون ۽ اهڙيون غير قانوني انڪوائريون صرف عدالت عظميٰ ئي ردي جي ٽوڪري ۾ اڇلائي سگهي ٿي.  رضا رباني چيو ته منهنجو دليل آهي ته جج خلاف شڪايتون سڌي ريت سپريم جوڊيشل ڪائونسل کي موڪليون وڃن. ان کان پوءِ صدارتي ريفرنس خلاف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي درخواست تي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي. رضا رباني جو چوڻ هو ته مان سڀاڻي 15 منٽن ۾ پنهنجا دليل مڪمل ڪندس جنهن تي جسٽس عمر عطا بنديال هدايت ڪئي ته سڀاڻي کان رشيد اي رضوي پنهنجي دليلن جي شروعات ڪري.

پهنجو تبصرو موڪليو