وزيراعظم اڄ کان سعودي عرب جو دوروڪندو، فيلڊ مارشل ساڻ هوندو

وزيراعظم اڄ کان سعودي عرب جو دوروڪندو، فيلڊ مارشل ساڻ هوندو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) دفترِ خارجه چيو آهي ته وزيراعظم اڄ کان سعودي عرب جو دورو ڪندو، فيلڊ مارشل عاصم منير به ساڻس گڏ ويندو.هفتيوار نيوز بريفنگ ۾ دفترِ خارجه جي ترجمان طاهر حسين اندرابي چيو ته وزيراعظم 6 کان 8 آگسٽ دوران سعودي عرب جو دورو ڪندو، وزيراعظم شهباز شريف سعودي ولي عهد محمد بن سلمان سان ملاقات ڪندو، ملاقات ۾ ٻه ترپفي تعلقات، باهمي دلچسپيءَ جي معاملن ۽ تعاون جي شعبن تي ڳالهيون ٿينديون.ترجمان دفترِ خارجه چيو ته پاڪستان مڊل ايسٽ (مشرقِ وسطى) جا معاملا بحال ڪرڻ ۾ سفارتي ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، عمان ان سڄي صورتحال ۾ پنهنجو بهتر ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، پاڪستان عمان جي ڪردار کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو.طاهر حسين اندرابي چيو آهي ته آزاد ڪشمير چونڊن تي بهارتي بيان بي بنياد آهن، آزاد ڪشمير چونڊون شفاف انداز ۾ جاري آهن، بهارت وٽ اهڙن بيانن جو ڪو اخلاقي جواز ناهي، بهارت آزاد ڪشمير ۾ فوتگين جي غلط معلومات پکيڙي مقبوضه ڪشمير ۾ ظلمن تان تَوجو هٽائي نٿو سگهي.هن چيو ته آزاد ڪشمير جي قانون ساز اسيمبليءَ جون 13هيون چونڊون پرامن، شفاف ۽ آئين موجب ٿيون، اهي چونڊون آزاد ڪشمير جي ماڻهن جي جمهوري ۽ سياسي امنگن جي عڪاسي ڪن ٿيون.دفترِ خارجه بنگلاديش جي اڳوڻي وزيراعظم شيخ حسينه واجد جي پٽ ۽ اڳوڻي صلاحڪار سجيب واجد جوءِ جي ان الزام کي قطعي طور رد ڪري ڇڏيو آهي جنهن ۾ هن بنگلاديش جي اندروني معاملن ۾ پاڪستاني ۽ خفيه اداري جي ملوث هئڻ جو دعويٰ ڪيو هو، بنگلاديشي عوام پنهنجا معاملا پاڻ حل ڪرڻ جي اهل آهي.ترجمان انڊين اثر و رسوخ ڏانهن اشارو ڪندي وڌيڪ چيو ته انڊيا آءِ ايس آءِ جي معاملي ۾ حد کان وڌيڪ غير محفوظ آهي ۽ چئبو ته اهي موصوف حسينه واجد جو پٽ پاڻ به انڊيا ۾ مقيم آهي، ان ڪري لڳي ٿو ته اهو وائرس هاڻي ان تائين به پهچي چڪو آهي.دفترِ خارجه پاران چيو ويو آهي ته پاڪستان کي اميد آهي ته آبنائه هرمز معاهدو ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ڳالهين جي بحاليءَ جو باعث بنجندو.دفترِ خارجه جي ترجمان طاهر اندرابي چيو ته اسان کي اميد آهي ته آبنائه هرمز سان لاڳاپيل اهو معاهدو ڳالهين جي تسلسل جي راهه هموار ڪندو، خصوصاً ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ تڪنيڪي سطح جي ڳالهين جي ٻيهر بحاليءَ لاءِ پراميد آهيون.

پهنجو تبصرو موڪليو