پاڻي جي فراهمي ترجيحي بنياد تي يقيني بڻايو: ايم ڊي

پاڻي جي فراهمي ترجيحي بنياد تي يقيني بڻايو: ايم ڊي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) مڪاني ادارن واري صوبائي وزير جي هدايتن تحت واٽر بورڊ پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي وارن مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪري رهيو آهي. ايم ڊي واٽر بورڊ تفصيل موجب ايم ڊي واٽر بورڊ فريدہ سلام سان جي.يو.آئي رھنما قاري محمد عثمان جي اڳواڻي ۾ آيل وفد ايم ڊي سيڪريٽريٽ ڪارساز ۾ ملاقات ڪندي شير شاھ ڊسٽرڪٽ ڪياماڙي ۾ پاڻي جي فراهمي وارن مسئلن بابت آگاهي ڏيندي چيو ته سمورن مسئلن جي حل لاءِ تڪڙا قدم کنيا وڃن، ان موقعي تي ايم ڊي واٽر بورڊ پاران جي.يو.آئي رھنما کي يقين ڏياريندي سمورين شڪايتن جي فوري ازالي جي لاءِ لاڳاپيل آفيسرن کي ھدايتون جاري ڪندي پابند ڪيو تہ آيل وفد پاران پيش ڪيل سمورين شڪايتن سميت شھر جي مختلف علائقن ۾ پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي وارا سمورا مسئلا فوري طور تي حل ڪري شھرين کي وڌ کان وڌ سھولتون فراھم ڪيون وڃن، اجلاس جي موقعي تي سپريڊنٽ انجنيئر غلام محمد حب ۽ سپريڊنٽ انجنيئر تنوير شيخ اعلي عملدارن ۽ آيل وفد کي تفصيلي بريفنگ ڏني، جڏھن تہ چيف انجنيئر واٽر حنيف بلوچ ۽ چيف انجنيئر بلڪ سڪندر زرداري وفد پاران پيش ڪيل مطالبن جي حل جي خاطري ڪرائيندي چيو تہ شير شاھ ڪالوني کي پاڻي جي فراهمي لاءِ اي.ڊي.پي مان منظوري ملڻ بعد ٽينڊر جاري ڪيو ويندو، گريوٽي مان پاڻي جي سلسلي ۾ سڀ دستاويز مڪمل ٿيڻ کانپوءِ ايم ڊي واٽر بورڊ کان منظوري ورتي ويندي، حبيب بئنڪ کان شير شاھ تائين سمورن ڪنيڪشن جي لسٽ ٺاھي انھن کي چيڪ ڪيو ويندو، لياري لائن تي ڪم جاري آهي جنھن جو جلد افتتاح ڪيو ويندو، ناظم آباد ٽينڪ ۾ پاڻي جو مقدار وڌائڻ تي غور ڪيو ويندو، پراچا پمپ واري گلي ۾ لڳل ڪنيڪشن، پراچا پمپ سان گڏ بلديا پاسي ويندڙ لائن کي چيڪ ڪرڻ لاء گڏيل دورو ڪيو ويندو ۽ شير شاھ کي پاڻي جي منصفاڻي ورڇ لاء بلڪ ۽ ڊبليو.ٽي.ايم جي گڏيل ڪميٽي ٺاهي ويندي جڏهن تہ سمورن مسئلن جي حل لاءِ گڏيل واٽس اپ گروپ پڻ ٺاهيو ويندو، اجلاس جي موقعي تي واٽر بورڊ جي اعلي عملدارن سان گڏوگڏ امير جمعيت علماء اسلام شير شاھ مولانا عظيم الله عثمان، اسسٽنٽ ڪمشنر سائيٽ فهيم، ايس ايس پي بلديا ڪئپٽن فيضان، ايس ايچ او سائيٽ بي زوار حسين ۽ ٻيا شريڪ هئا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو