ورلڊ ڪپ: ڀارت پاڪستان کي دلچسپ مقابلي بعد شڪست ڏئي ڇڏي

ورلڊ ڪپ: ڀارت پاڪستان کي دلچسپ مقابلي بعد شڪست ڏئي ڇڏي

ميلبورين(ويب ڊيسڪ)آءِ سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي سپر 12 اسٽيج ۾ ڀارت پاڪستان کي دلچسپ مقابلي کانپوءِ شڪست ڏئي ڇڏي.اننگز جي شروعات ۾ نسيم 4 رنسن تي ڪي ايل راهول کي آئوٽ ڪيو، جنهن کانپوءِ حارث رئوف به ڪپتان روهت شرما کي 4 ۽ سوريا ڪمار ياديو کي 15 رنسن تي آئوٽ ڪيو.اڪسر پٽيل 2 رنسون ٺاهي بابر جي هٿان رن آئوٽ ٿيو.ميلبورن ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ ڀارت ٽاس کٽي پاڪستان خلاف فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو، پاڪستان مقرر 20 اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 159 رنسون ٺاهيون.

پهنجو تبصرو موڪليو