اسلام آباد(بيورو رپورٽ)ورلڊ بئنڪ پاڪستان کي صحت، خوراڪ، پناهه ۽ نقد امداد جي لاءِ پنهنجي مدد جاري رکڻ جو يقين ڏياريو آهي.ورلڊ بئنڪ به پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب جاني ۽ مالي نقصان تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي.عالمي بئنڪ جي صدر پاڪستاني حڪومت تي زور ڏنو ته هو معيشت کي بهتر بڻائڻ لاءِ خاص سڌارن تي عمل ڪري ۽ چيو ته مالي ۽ توانائي جي شعبن ۾ سڌارن تي ڌيان ڏيڻ گهرجي.عالمي بئنڪ جي صدر جو چوڻ آهي ته سڌارا معيشت کي مستحڪم ڪندا، پائيدار ترقي جو بنياد بڻجندا، اهڙيون قابل عمل پاليسيون ضروري آهن جن سان معاشي استحڪام اچي سگهي.هن چيو ته مارڪيٽ ۾ اعتماد بحال ڪرڻ لاءِ قابل عمل اقتصادي پاليسيون ضروري آهن.










