ميرپورخاص (ن سنڌيار) واپڊا جي نجڪاري خلاف آل واپڊا ھائڊرو اليڪٽرڪ يونين پاران واپڊ آفيس کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو. مظاھرين جي ھٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ بينر ھئا جن تي مختلف نعرا درج ٿيل ھئا. ان موقعي تي مظاھري کي خطاب ڪندي اڳواڻن يوسف سومرو، عبدالجبار لغاري، شاھد ڪاظمي، سڪندر مھر ۽ ٻين چيو ته ادارن جي نجڪاري ملڪي سالميت جي خلاف آھي ۽ بيروزگاري ۾ اضافو ٿيندو.ھنن حڪومت کي چتاءُ ڏيندي چيو ته جيڪڏھن واپڊا جي ڪمپنين جي نجڪاري وارا آرڊر واپس نه ورتا ويا ته اسلام آباد پھچي پارليامينٽ جو گھيراءُ ڪيو ويندو.










