ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)مرڪزي تنظيم ٽريڊرز پاڪستان ۽ ٽرانسپورٽرز پيٽروليم شين جي اگهن ۾ تازي واڌ کي رد ڪري ڇڏيو. ٽريڊ يونين آف پاڪستان جي صدر ڪاشف چوڌري پنهنجي بيان ۾ چيو ته پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ 35 رپيا في ليٽر واڌ کي رد ڪريون ٿا، پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ سان مهانگائي ۾ اضافو ٿيندو.ڪاشف چوڌري حڪومت کان مطالبو ڪيو ته پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ ڪيل واڌ کي فوري طور تي واپس ورتو وڃي.ان کان علاوه سنڌ اسيمبلي جي ميمبر ۽ پاڪستان گڊز ٽرانسپورٽ الائنس جي صدر ملڪ شهزاد اعواڻ به پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ واڌ کي رد ڪندي چيو آهي ته پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ 35 رپيا 35 پئسا واڌ سڀني ٽرانسپورٽرن سان صلاح مشوري بعد ڪئي وئي آهي. هو پنهنجي پلان آف ايڪشن جو اعلان ڪندا، امپورٽ حڪومت جي پاليسين پاڪستان کي تباهي جي ڪناري تي پهچايو آهي.هن چيو ته حڪومت خلاف روڊن تي نڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي، حڪومت جي اولين ترجيح عوام دشمن پاليسيون ٺاهڻ آهي، پاڻي نڪ کان مٿي ٿي ويو آهي، هاڻي ٽرانسپورٽر روڊن تي اچي رهيا آهن، اسان چاهيون ٿا. هوڏانهن تاجدار خيبرپختونخواهه جي جنرل سيڪريٽري ظاهر شاهه جو چوڻ آهي ته پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ سان مهانگائي جو نئون طوفان ايندو، حڪومت پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ ڪيل غير معمولي واڌ کي واپس وٺي.ٻئي طرف پشاور جي ضلعي انتظاميا شهر ۾ بند پيل پيٽرول پمپن خلاف ڪارروائي ڪري ڇڏي آهي.ڊي سي پشاور موجب پيٽرول جي سپلائي روڪڻ تي فلنگ اسٽيشنن جي 8 مئنيجرن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جنهن بعد ضلعي انتظاميا فلنگ اسٽيشنن تي پيٽرول ۽ ڊيزل جي فراهمي بحال ڪري ڇڏي آهي.ڊپٽي ڪمشنر آفيسرن کي فلنگ اسٽيشنن جو مسلسل معائنو ڪرڻ جون هدايتون پڻ جاري ڪيون آهن.










