واپارين جو احتجاج،روڊ بلاڪ

واپارين جو احتجاج،روڊ بلاڪ

دڙو (ن سنڌ يار) دڙو ۾ ڏوھاري ۽ لوفر قانون کان ڏاڍا.!! دڙو ۾ ٻن واپاري نوجوانن امتياز ميمڻ ۽ فريد ميمڻ مٿان ٿيل حملي جا جوابدار گرفتار نہ ٿيڻ خلاف سوين واپاري، شھري ۽ مختلف سياسي سماجي توڙي مذھبي ڌرين جا اڳواڻ روڊن تي اچي ويا، دڙو ٿاڻي آڏو رات کان مسلسل 10 ڪلاڪن کان احتجاجي ڌرڻو، ايس ايڇ او دڙو پاران جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي يقين دھاني، رپورٽ موجب دڙو ۾ 4 ڏينھن اڳ ٻن واپاري ڀائرن امتياز ميمڻ ۽ فريد ميمڻ تي ٿيل حملي جا جوابدار گرفتار نہ ٿيڻ خلاف شھري، واپاري، سياسي، سماجي توڙي مذھبي ڌرين جا اڳواڻ حافظ اعجاز سومرو، ارباب ابراھيم ميمڻ، نظير احمد سومرو، غياث جماڻي ميمڻ، اختر ڪڇي ميمڻ، رشيد آزاد، حاجي خان عباسي، نظام ميمڻ، حافظ عبدالغفور ميمڻ، عبدالحميد ميمڻ، نواز پوڙھو ميمڻ، حافظ ڌڻي ڏنو جاکرو، منور ميمڻ، ڪامران جماڻي، حافظ محمد ميمڻ، ڪامريڊ عزيز سومرو، سميع ﷲ ميمڻ، امتياز جماڻي، طلعت آڪاش ڀٽي، سائين موسي سومرو، اقبال سومرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سوين ماڻھن ٽيڪسي اسٽاپ کان پنڃاري پل ۽ دڙو ٿاڻي آڏو احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو تہ سياسي ڀوتارن جي آشرواڌ سبب دڙو شھر ڏوھارين ۽ لوفرن حوالي ڪيو ويو آھي، لوفر روزانو شھرين ۽ واپارين کي ڀتي لاء تنگ ڪن ٿا، ھنن چيو تہ شھر جي ٻن واپاري ڀائرن امتياز ۽ فريد ميمڻ کي جوابدارن ڀتو نہ ڏيڻ تان لٺيون ۽ ڪھاڙيون ھڻي سخت زخمي ڪري ڇڏيو، 4 ڏينھن گذرڻ باوجود پوليس انھن بااثر جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ لاء تيار ناھي، ھنن چيو تہ جوابدارن جي گرفتاري لاء رات کان مسلسل شھري سراپا احتجاج آھن، ان دوران دڙو پوليس جي ايس ايڇ او ڪليم احسن پٺاڻ مظاھرين وٽ پھچي ساڻن ڳالھيون ڪيون، ۽ جامع حڪمت عملي تحت جوابدارن کي فورن گرفتار ڪرڻ جي يقين دھاني ڪرائي، ھنن آئي جي سنڌ، ڊي آئي جي حيدرآباد ايس يس پي سجاول مطالبو ڪيو تہ دڙو ۾ ڀتا خور ڏوھارين خلاف سخت ڪارروائي ڪري شھرين ۽ واپارين کي تحفظ فراھم ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو