نيويارڪ(ويب ڊيسڪ)واٽس ايپ پاران امڪاني چيٽ لاءِ اهڙن نون فيچرز تي ڪم ڪيو پيو وڃي جنهن جو انتظار واهپيدارن کي وڏي عرصي سان هو.واٽس ايپ ۾ چيٽ کي پن ڪرڻ جو آپشن پهريون ئي موجود آهي جيئن اهم ڳالهه تائين فوري پهچي سگهجي پر اڃا تائين رڳو تن چيٽس تائين پن ڪري سگهجي ٿو.پرڏيهي خابرو اداري موجب مختلف واهپيدارن تائين ان حد کي 3 کان وڌائي 5 تائين ڪرڻ جي رٿابندي ڪئي وئي آهي.رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ان فيچر سان واهپيدارن کي پنهنجي فيڊ کي بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملندي. پر رپورٽ ۾ اهو به واضح ڪيو ويو آهي ته فلحال ان بابت ڪا تصديق ناهي ڪئي وئي ۽ نه وري اهو ٻڌايو ويو آهي ته اهو فيچر ڪڏهن متعارف ٿيندو.رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ان فيچر سان هاڻي ماڻهو 5 چيٽس تائين پنهنجي خاص پيغام پِن ڪري سگهن ٿا.










