پاڻي جي فراهمي بند، پيئڻ جوپاڻي اڻلڀ

پاڻي جي فراهمي بند، پيئڻ جوپاڻي اڻلڀ

جوهي (ن سنڌيار) جوهي شھر ۾ واٽر سپلاء پاڻي فراهمي گذريل هفتي کان بند قهر جي گرمي ۾ شھر اندر پيئڻ جو پاڻي اڻلڀ شھري پريشان پبلڪ هيلٿ انتظاميا جا ڪامورا منظر تان گم شھرين پاران لاڳاپيل ادارن کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو, جوهي شھر ۾ پيئڻ جو پاڻي اڻلڀ پبلڪ هيلٿ انتظاميا جي ناهلي سبب واٽر سپلاء پاڻي جي فراهمي گذريل هفتي کان بند شھري قھر جي گرمي ۾ پاڻي ڦڙي لاء پريشان ان سلسلي ۾ شھرين ڪامريڊ قربان کوکر,غلام قادر لغاري, يونس سولنگي سميت ٻين رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته شھر اندر واٽر سپلاء جي فراهمي گذريل هفتي کان بند آھي چونڊيل نمائيندا پبلڪ هيلٿ جا ڪامورا لاعلم بڻيل آھن پيئڻ جو پاڻي نه هجڻ ڪري قهر جي گرمي ۾ شھري ٻٽي عذاب ۾ مبتلاء آھن هنن چيف جسٽس آف پاڪستان سميت لاڳاپيل ادارن کان مطالبو ڪندي چيو ته پبلڪ هيلٿ انتظاميا خلاف ڪاروائي ڪري شھرين کي واٽر سپلاء پاڻي فراهمي يقيني بڻائي بيچيني ختم ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويندو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو