ڪراچي (ويب ڊيسڪ) آسٽريلوي ڪرڪيٽر ڊيوڊ وارنر سوشل ميڊيا تي هڪ هندستاني صارف کي سخت جواب ڏنو.هڪ هندستاني صارف ڊيوڊ وارنر کي صلاح ڏني ته هو پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) ڇڏي ٻيهر آءِ پي ايل کيڏي.ڊيوڊ وارنر ڀارتي صارف جي پي ايس ايل ڇڏي آءِ پي ايل کيڏڻ جي تجويز تي سخت جواب ڏنو.هندستاني صارف چيو ته اهو توهان لاءِ بهتر آهي ته پي ايس ايل ڇڏي آءِ پي ايل ۾ واپس اچو، جنهن تي ڊيوڊ وارنر چيو ته هاڻي ان جي ڪا ضرورت ناهي. ياد رهي ته پي ايس ايل جي پهرين رائونڊ مان ڪراچي ڪنگز جي ٻاهر ٿيڻ کان پوءِ ڪپتان ڊيوڊ وارنر سوشل ميڊيا تي هڪ پوسٽ ڪئي هئي. ڊيوڊ وارنر پي ايس ايل ۾ پنهنجي ۽ ٽيم جي سفر جي حوالي سان هڪ پيغام ڏنو هو.ڊيوڊ وارنر پوسٽ ۾ لکيو ته پي ايس ايل اهي نتيجا نه ڏنا جيڪي اميد ڪيا ويا هئا، پر پي ايس ايل دوران رانديگرن جو جذبو، لگن ۽ محنت شاندار هئي.هن چيو ته هو پوليس، سيڪيورٽي ۽ انهن ماڻهن جو شڪريو ادا ڪرڻ چاهيندو جيڪي اسان جو خيال رکڻ لاءِ ٽرئفڪ جي دير سان صبر ڪندا هئا.










