ڀان سيدآباد (ن سنڌيار) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته منڇر ڍنڍ يا ايم اين وي ڊرين کي ڪو به ڪٽ نه پيا ڏيون، افواهن تي ڌيان نه ڏيو، دادو شهر کي به بچائينداسين، ايئن ناهي ته هڪڙا ٻڏل آهن ته ٻيا به ٻڏي وڃن.منڇر ڍنڍ جو دورو ڪرڻ کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي مراد علي شاهه چيو ته اسان جو ڌيان پاڻي ڪڍڻ ۽ ريسڪيو تي آهي، پاڪ آرمي، پاڪ نيوي، پي ڊي ايم اي به سنڌ حڪومت سان ملي ڪم ڪن پيا، اڃا ايمرجنسي ختم ناهي ٿي، اسان کي خيما نه پيا ملن، جيڪڏهن ڪنهن کي خيما ملن ٿا ته اسان کي ڏئي، اسان ان کي پئسا ڏينداسين.هن چيو ته سکر ۾ تمام ملڪن جي سفيرن سان ملاقات ڪري انهن کي سنڌ ۾ ٻوڏ سبب تباهي واري صورتحال تي بريفنگ ڏني جيئن سڄي دنيا اسان جي مدد ڪري، 2010ع کان بعد منڇر ڍنڍ جي بندن تي ڪم ٿيو آهي، هن وقت منڇر يا درياهه جا بند ڪمزور ناهن، برسات تمام گهڻي پئي، جنهن سبب سنڌ جا 30 ضلعا متاثر ٿيا آهن، اسان جي پوري ڪوشش آهي ته منڇر ۽ ڀرپاسي جي علائقي کي بچائيون.










