ڪراچي (ويب ديسڪ)مختصر ويڊيو واري مشهور چيني ايپ ٽڪ ٽوڪ تي پاڪستاني ڇوڪري جنت مرزا پهرين پاڪستاني آهي جنهن جا فالوئرز هڪ ڪروڙ ٿي ويا آهن. هوءَ پنهنجي منفرد ويڊيوز ٺاهڻ ۾ مشهور آهي ۽ اڄ تائين هن ايپ تي ڪنهن به پاڪستاني ٽڪ ٽوڪر جا ايترا فالوئرز نه رهيا آهن. هوءَ هن وقت پنهنجي تعليم لاءِ جاپان ۾ آهي ۽ پنهنجي انستا گرام اڪائونٽ تي هن اها ڪاميابي جي خبر شيئر ڪئي آهي. سندس چوڻ آهي ته ڇا مان ڪو خواب پئي ڏسان ته هڪ ڪروڙ فالوئرز ٿي ويا، هن فالوئرز جو شڪريو ادا ڪيو آهي. جنت مرزا گلوڪار بلال سعيد جي گاني ‘شاعر’ ۾ به هوءَ نظر آئي هئي ۽ هاڻي سيد نور جي فلم ‘باجري دي روٽي’ ۾ مرڪزي رول ادا ڪري رهي آهي. هن فلم جي گهڻي ڀاڱي شوٽنگ مڪمل ٿي وئي آهي.










