ڪلوئي (غلام مصطفي نهڙيو) جراڙ بجير جي رهواسي پورهيت سڪندر شيخ جي گهر تي رات دير سان اچانڪ سوزڪي نمبر 8828 ۾ 10 کان وڌيڪ هٿيار بند سوار ٿي مٿس سخت تشدد ڪري سندس 20 ورهين جي نوجوان زال حاميده شيخ کي اغوا ڪري کڻي ويا. جنهن کان پوءِ نوجوان سڪندر شيخ پريس ڪلب ڪلوئي پهچي سخت احتجاج ڪندي چيو آهي ته رات دير سان منهنجي گهر اڪبر شيخ، راجا شيخ، اصغر شيخ ۽ ٻين هٿياربندن منهنجي زال اغوا ڪري وڃڻ سان گڏ 10 ھزار روڪ ۽ سونا زيور پڻ کڻي ويا آهن. هن چيو ته اهڙي دانهن مون ڪلوئي ٿاڻي تي ڏني آهي. ھوڏانھن ڪلوئي ٿاڻي جي انچارج موجب تي اسان اين سي داخل ڪئي آهي وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آھيون. متاثر ايس ايس پي، ڊي سي ٿرپارڪر، سيشن جج مٺي کان مطالبو ڪيو ته منهنجي اغوا ٿيل زال واپس ڪرائي انصاف ڏياريو وڃي.










