هٿياربند فوج جي سربراهن  جو يوم آزادي تي قوم کي مبارڪباد

هٿياربند فوج جي سربراهن جو يوم آزادي تي قوم کي مبارڪباد

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) جشن آزادي جي موقعي تي سروسز چيفس فيلڊ مارشل جنرل عاصم منير، ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر، چيف آف دي نيول اسٽاف ايڊمرل نويد اشرف ۽ چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا قوم کي مبارڪباد ڏني آهي.آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته اهو ڏينهن اتحاد، ثابت قدمي ۽ روشن مستقبل جي گڏيل وزن سان جڙيل هجڻ جو نشان آهي، اسان انهي ڏينهن تي پاڪستان جي باني کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا.آءِ ايس پي آر موجب قائداعظم جي ولوله انگيز اڳواڻي ۾ بي مثال قربانيون ڏنيون ويون، هٿياربند فوج جي اڳواڻن کي عقيدت سان خراج تحسين پيش ڪريون ٿا. بطور محافظين ملڪي سلامتي، پاڪستان جي خودمختاري جي حفاظت جو ارادو ڪريون ٿا.آءِ ايس پي آر چيو ته هٿياربند فوج علاقائي سالميت جي تحفظ، آئين جي پاسداري جو پڪو ارادو ڪري ٿي، هٿياربند فوج ۽ عوام جي وچ ۾ اڻٽٽ رشتو اسان جي گڏيل طاقت جو بنياد آهي. اچو يوم آزادي جي موقعي تي انهي پڪي ارادو جو اظهار ڪريون ٿا ته امن، ترقي ۽ اتحاد لاءِ هميشه اڳيان رهنداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو