هيڊ ماسترن جو معاملو ڪميشن حوالي ڪرڻ جو فيصلو

هيڊ ماسترن جو معاملو ڪميشن حوالي ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ڪابينا هاءِ ڪورٽ جي فيصلي تحت هيڊماسترن جو ڪانٽريڪٽ ختم نه ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو، هيڊ ماسترن جي سليڪشن وارو مامرو سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن حوالي، ڪابينا اجلاس ۾ چيو ويو آهي ته ايس پي ايس سي جي سليڪشن تائين هيڊ ماستر ڪانٽريڪٽ تي ڪم جاري رکندا، ڪابينا کي بريفنگ دوران چيو ويو آهي ته سال 2015ع ۾ 2 هزار هيڊ ماسترن کي آءِ بي اي ٽيسٽ ذريعي ڀرتي ڪيو ويو هو، اُنهن هيڊ ماسترن جو ڪانٽريڪٽ ختم ٿيڻ وارو آهي، سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد هيڊماسترن جو ڪانٽريڪٽ ختم ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو