هيلٿ ڪيئر ڪميشن پاران ڇاپا 2 ليبارٽريون3 ڪلينڪون سيل

هيلٿ ڪيئر ڪميشن پاران ڇاپا 2 ليبارٽريون3 ڪلينڪون سيل

بوزدار وڏا (رپورٽ حسين ٽانوري)بوزدار وڏا ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ عوامي شڪايتن تي سنڌ هيلٿ ڪيئر ڪميشن پاران عطائي ڊاڪٽرن جي اسپتالن تي اوچتو ڇاپا 2ليبارٽريون ۽ 3 ڪلينڪون سيل.بوزدار وڏا ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ سنڌ هيلٿ ڪيئر ڪميشن جي  ميڊيڪل ايڪسپرٽ ڊاڪٽر شيراز علي خواجه اسسٽنٽ ڊائريڪٽر عبدالمنعان ابڙو ۽ ضلعي هيلٿ ڪيئر آفيسر عطا حسين ناريجو سندس ميڊيڪل ٽيم سميت عطائي ڊاڪٽرن جي ڪلينڪن ۽ ليبارٽرين تي اوچتو ڇاپا هڻي الشفا ليبارٽري، ڀٽائي جميل ايڪسري ،شفيع محمد ڀٽي ڪلينڪ ۽ عطائي ڊاڪٽر لونگ ڀيل جي ڪلينڪ کي موقعي تي ئي سيل ڪري ڇڏيو، ان موقعي تي ميڊيڪل ايڪسپرٽ شيراز علي خواجه ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته عطائي ڊاڪٽرن جي خلاف سخت ڪاروايون شروع ڪيون ويون آهن، عطائي ڊاڪٽرن جون عوامي شڪايتون وصول ٿين پيون ان ڪواليفائيڊ عطائي ڊاڪٽرن سان ڪنهن به قسم جي رعايت نه ڪئي ويندي هنن ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته اسان جي هي ڪاروائي ڪجھ ڏينھن جاري رهندي ۽ ڊويزن سکر جي سڀني عطائي ڊاڪٽرن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو