لنڊن (ويب ڊيسڪ) ن ليگ قائد نواز شريف سرندي وارن کي اپيل ڪئي آهي ته ٻوڏ متاثرن جي مدد ڪيو، هي وقت سياست جو نه متاثرن جي مدد ۽ انهن جي ڦٽن تي مرهم رکڻ جو آهي.ٻوڏ متاثرن جي امداد جي حوالي سان سڌي ريت خطاب ڪندي نواز شريف چيو ته پارٽي جا سمورا اسيمبلي ميمبر ۽ ڪارڪن سمورا ڪم ڇڏي ٻوڏ متاثرن جي مدد ۾ لڳي وڃن، پنهنجي سموري توانائي ٻوڏ متاثرن جي مدد تي لڳائين.هن چيو ته شهباز شريف کي شاباش ڏيان ٿو ته هو ٻوڏ متاثرن لاءِ بهترين ڪم ڪري رهيو آهي، مريم نواز به امدادي ڪمن جو جائزو وٺڻ وڃي رهي آهي، ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو ڪندي، شهباز شريف ۽ مريم نواز ڏکي انسانيت جو سهارو بڻجندا، متاثرن کي اڪيلو نه ڇڏينداسين.سندس چوڻ هو ته هي موقعو پنهنجي عملن جو جائزو وٺڻ جو آهي، ڪو شڪ ناهي ته ٻوڏ وڏي قدرتي آفت آهي، ٻوڏ سان هزارين ماڻهو فوت ۽ لکين بي گهر ٿيا آهن، هي وقت ٻيو ڪم ڪرڻ جو نه متاثرن جي مدد ڪرڻ جو آهي، متاثرن جي دل کولي امداد ڪيو.اڳوڻي وزيراعظم اپيل ڪئي ته متاثرن لاءِ ڪئمپون لڳايون وڃن، خيما فراهم ڪيا وڃن، پريشان ماڻهو توهان جي امداد جي اوسيئڙي ۾ آهن، ٻوڏ وڏي پئماني تي تباهي آندي آهي، قوم کي اپيل آهي ته اڳتي وڌي ۽ ٻوڏ متاثرن جي ڀرپور مدد ڪري.










