هوا جو رخ تبديل، لاهور وري دنيا جو آلوده ترين شهر قرار

هوا جو رخ تبديل، لاهور وري دنيا جو آلوده ترين شهر قرار

لاهور (ويب ڊيسڪ)هوائن جو رخ تبديل ٿيڻ بعد هڪ ڀيرو ٻيهر لاهور دنيا جي آلوده ترين وڏن شهرن ۾ پهرين نمبر تي اچي ويو آهي. ڪجهه ڏينهن فضا بهتر رهن بعد ڀارت مان ايندڙ آلوده هوا سبب لاهور هڪ ڀيرو ٻيهر دنيا جي آلودگي وارن شهرن جي لسٽ ۾ پهرين نمبر تي اچي ويو آهي. لاهور جي هوا جي معيار جو انڊيڪس 580 رڪارڊ ڪيو ويو ۽ ڀارتي راڄڌاني نئين دهلي 334 جي فضائي آلودگي جي انڊيڪس سان ٻئي نمبر تي رهيو. اڄوڪي انديڪس موجب 10.12 منٽن تي سکر565 ايئر پارٽيڪيوليٽ ميٽرن سان ٻئي ۽ شيخوپوره 483 ميٽرن سان ملڪ جو ٽيون آلودگي وارو شهر رڪارڊ ٿيو..

پهنجو تبصرو موڪليو