ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي علائقي سولجر بازار ۾ ايف آءِ اي ڪارروائي ڪندي هٿيارن جي اسڪيم ڪندڙ جوابدار کي گرفتار ڪري 1 ڪروڙ 59 لک رپيا هٿ ڪري ورتا.وفاقي جاچ اداري ايف آءِ اي جي ڪوآپريٽو ڪرائم سرڪل جي عملدارن سولجر بازار ۾ 2 فليٽس تي ڇاپو هنيو.ڊائريڪٽر ايف آءِ اي نعمان صديقي موجب ايف آءِ اي ڪوآپريٽو ڪرائم سرڪل ڪراچي ۾ داخل انڪوائري نمبر 89/24 جي سلسلي ۾ ٽيم فليٽ نمبر 209 تي ڇاپو هنيو.هوڏانهن جوابدار شهزاد محمد شاڪر کي گرفتار ڪيو ويو، جنهن جي قبضي مان هٿيارن جو رجسٽر، موبائل فون ۽ ٻيو لاڳاپيل رڪارڊ ۽ ثبوت هٿ ڪيا ويا.ڪارروائي دوران 1 ڪروڙ 59 لک رپيا روڪ رقم به هٿ ڪئي وئي، ڪيس ڪوآپريٽو ڪرائم سرڪل ۾ داخل ڪيو ويو آهي.










