هر سال شهيد محترمه بينظير ڀٽو هيومن رائيٽس ايوارڊ ڏيڻ جو اعلان

هر سال شهيد محترمه بينظير ڀٽو هيومن رائيٽس ايوارڊ ڏيڻ جو اعلان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت جي انساني حقن واري کاتي پاران هر سال شهيد محترمه بينظير ڀٽو هيومن رائيٽس ايوارڊ ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي، جيڪو صوبي ۾ شهرين توڙي سماج جي ڏتڙيل ۽ نظرانداز ٿيل طبقن ۽ گروهن جي حقن سميت انساني حقن جي تحفظ ۽ هٿي وٺرائڻ لاءِ نمايان ڪارڪدگي ڏيکاريندڙ انساني حقن جي ڪارڪنن ۽ فردن کي ڏنو ويندو. پهرئين ايوارڊ جي تقريب هلندڙ سال (2023ع) ڊسمبر ۾ منعقد ڪئي ويندي. هي ايوارڊ اسلامي دنيا جي پهرين چونڊيل عورت وزيراعظم شهيد محترمه بينظير ڀٽو سان منسپب ڪيو ويو آهي، جنهن ٻه ڀيرا پاڪستان جي وزيراعظم طور خدمتون سرانجام ڏنيون، جڏهن ته 2008 ۾ گڏيل قومون پاران پڻ هنءَ کي سندس شهادت بعد انساني حقن جي شعبي ۾ مڃتا طور ايوارڊ ڏنو ويو هو. سنڌ جي وڏي وزير جي انساني حقن بابت اسپيشل اسسٽنٽ سريندر ولاسائي چيو آهي ته هن ايوارڊ کي شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي نالي سان منسوب ڪرڻ جو مقصد کيسسندس جرئتمنداڻي جدوجهد تي خراج عقيدت پيش ڪرڻ آهي، جنهن سڄي زندگي انساني حقن جي ڀرپور حمايت ڪئي ۽ پنهنجي شهادت کانپوِءِ به هڪ اهڙو ورثو ڇڏيو آهي، جيڪو لڳاتار پاڪستان ۾ جمهوريت ۽ انساني حقن جي تحفظ ۽ واڌاري لاءِ واکاڻ جوڳو قدم کڻندو رهيو آهي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه شهيد محترمه بينظير ڀٽو هيومن رائيٽس ايوارڊ جي منظوري ڏيندي ان کي انساني حقن واري صوبائي کاتي جي ڪئلينڊر ۾ شامل ڪرڻ جو پڻ حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي. سريندر ولاسائي چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي هدايتن جي روشني ۾ انساني حقن جو کاتو ملڪ جي آئين ۽ قانون پٽاندڙ انساني حقن جي تحفظ ۽ فروغ لاءِ سرگرم عمل آهي. ايوارڊ مختلف ڪيٽيگريز ۾ ڏنا ويندا، جن ۾ انساني حق، عورتن جا حق، ٻارن جا حق، اقليتن جا حق، مزدورن جا حق ۽ ٽرانس جينڈر جا حق وغيره شامل آهن. انعام ۾ 500,000 رپيا نقد انعام پڻ شامل آهي. ايوارڊ لاءِ پنجن ڄڻن جي نالن جي چونڊ لاءِ هر سال هڪ پنج رڪني پينل ٺاهيو ويندو، جيڪو سنڌ هيومن رائيٽس ڪميشن جي چيئرپرسن، نيشنل ڪميشن فار هيومن رائيٽس جي هڪ نمائندي، ڪراچي بار ايسوسي ايشن جي صدر/نمائندي، سنڌ هاءِ ڪورٽ بار ايسوسي ايشن جي هڪ نمائندي، ڪراچي پريس ڪلب جي صدر يا ان جي نمائندي ۽ سنڌ هيومن رائيٽس ڊپارٽمينٽ جي نمائندي تي شامل هوندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو