ڪوئيٽا(ويب ڊيسڪ) بلوچستان هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي ڪوئيٽا ۾ 16 ڏينهن کان پوءِ موبائل انٽرنيٽ سروس بحال ڪئي وئي آهي.بلوچستان هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس روزي خان وڏيچ ۽ جسٽس سردار احمد حليمي موبائل فون انٽرنيٽ سروس جي معطلي خلاف هڪ آئيني درخواست جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن ۾ لاڳاپيل اختيارين عدالت ۾ پيش ٿيا.اختيارين عدالت کي ٻڌايو ته عدالتي حڪم کان پوءِ ڪوئيٽا شهر ۾ موبائل فون انٽرنيٽ ڊيٽا سروس بحال ٿيڻ شروع ٿي وئي آهي، جڏهن ته صوبي جا ٻيا شهر اڃا تائين موبائل انٽرنيٽ سروس کان محروم آهن.هاءِ ڪورٽ لاڳاپيل اختيارين کي ڪوئيٽا ۾ 2 ڪلاڪن اندر موبائل فون انٽرنيٽ ڊيٽا سروس بحال ڪرڻ جو حڪم ڏنو.عدالتي حڪم کان پوءِ ڪوئيٽا ۾ 16 ڏينهن کان معطل موبائل فون انٽرنيٽ سروس بحال ٿيڻ شروع ٿي وئي آهي.










