هاءِ وي تي مسافر ڪوچ ڪلٽي 3 مسافر فوت 10 زخمي

هاءِ وي تي مسافر ڪوچ ڪلٽي 3 مسافر فوت 10 زخمي

ڏھرڪي(قادر جٽ) قومي شاهراهه تي ڏهرڪي باءِ پاس لڳ نئون ڪوٽ وٽ مسافر ڪوچ ڊرائيور کي ننڊ جو جهوٽو اچڻ سبب ڪلٽي ٿي پئي. جنهن سبب 3 مسافر فوت ۽ 10 زخمي ٿي پيا. ڪراچي کان پنجاب ويندڙ ڪوچ  سان اھو حادثو پيش آيو. مسافرن جو چوڻ هو ته ڊرائيور کي ننڊ اچڻ سبب حادثو پيش آيو آھي. پوليس موقعي تان لاش کڻائي سول اسپتال منتقل ڪيا. ان موقعي تي موٽر وي پوليس اهلڪارن ٻڌايو ته ڊرائيور کي ننڊ سبب هي حادثو پيش آيو آهي زخمين کي فورن اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي فوت ٿيلن ۾ غلام شبير جنهن جو تعلق جمال الدين والي سان مائي جندول جنهن جو تعلق خانپور سان آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو