شاهپور جهانيان( اسد ٻگهيو) نيشنل ھاء وي ماڙي اسٽاپ وٽان 2 ڦورو ڳوٺ ارگو ٻگهيو جي رهواسي ارسلان ٻگھيو کان ھٿيارن جي زور تي موٽرسائيڪل موبائيل فون ۽ روڪ رقم ڦر ڪئي ، ڦر دوران نوجوان جي رڙين تي اتان گذرندڙ ماڻهن ڦورن جو گھيرو تنگ ڪري ڏنو ، جنهن کانپوء ڳوٺ ماڙي ۾ ھڪ ڦورو ڳوٺ ڏتل ڪورائي جي رهواسي نالي حزب اللہ پٽ سليمان ڪورائي کي ڦر ڪيل گاڏي سميت پڪڙي گچيرو پوليس حوالي ڪيو. پوليس جمعدار نذير احمد ٻگھيو ٻڌايو تہ جنھن ھنڌان ڦر ٿي آھي اھا مورو ٿاڻي جي حد آھي ۽ اسان اھڙو اطلاع پـنھنجن بالا آفيسرن کي ڪيو آھي ، جانچ بہ اھي ڪندا جنھن جي حد آھي ، جڏهن تہ نوجوان ارسلان ٻگھيو ٻڌايو تہ اسان قلندر لال جي زيارت لاء وڃي رھيا ھئاسين تہ ڦورن اسان کا گاڏي ڦر ڪئي.










