اسلام آباد(بيورو)نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) کي بجلي جي اگهن ۾ واڌ جي درخواست ملي وئي آهي.نيپرا طرفان جاري ڪيل بيان موجب سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي (سي پي پي اي) آگسٽ جي فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ ۾ بجلي جي اگهن ۾ واڌ جي درخواست ڪئي آهي.اعلان موجب سي پي پي اي طرفان بجلي جي قيمت ۾ 22 پئسا في يونٽ واڌ جي درخواست ڪئي وئي آهي، جنهن جي ٻڌڻي 29 سيپٽمبر تي ٿيندي.نيپرا طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته بجلي جي قيمتن ۾ واڌ جي سي پي پي اي جي درخواست اليڪٽرڪ کانسواءِ ٻين ڪمپنين لاءِ آهي.ياد رهي ته بجلي جي بلن ۾ ون سليب جو فائدو ختم ٿيڻ سبب صارفين کي ڳري بل وصول ٿيڻ شروع ٿي ويا آهن.










