اسلام آباد(بيورو رپورٽ)حڪومت نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) کي ايندڙ مالي سال کان سرچارج ذريعي بجلي جي قيمتن ۾ واڌ جي درخواست جمع ڪرائي ڇڏي آهي. حڪومت سرچارجز ۾ واڌ تي نظرثاني جي درخواست ڪئي آهي، جنهن ۾ ايندڙ مالي سال کان 1 رپيا 80 پئسا في يونٽ واڌ جي درخواست ڪئي وئي آهي.درخواست ۾ چيو ويو آهي ته ايندڙ مالي سال لاءِ في يونٽ سرچارج ۾ 3 رپيا 23 پيسا في يونٽ واڌ ڪئي پئي وڃي، ان کان اڳ اهو سرچارج 1 رپيا 43 پئسا في يونٽ لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو پر اهو مالي ضرورتون پوريون نه ڪيو ويو.حڪومت گهريلو ۽ زرعي صارفين تي جولاءِ کان آڪٽوبر تائين 300 يونٽن تي 43 پئسا في يونٽ ۽ گهريلو ۽ زرعي صارفين تي نومبر کان جون 300 يونٽن تي 3 رپيا 23 پئسا في يونٽ سرچارج جي درخواست ڪئي آهي.نيپرا جو چوڻ آهي ته سرچارج وڌائڻ جي درخواست اليڪٽرڪ ۽ ڊسڪو صارفين جي آهي، بجلي صارفين تي سرچارج جي درخواست تي ٻڌڻي 16 مارچ تي ٿيندي.










