لاهور (اسپورٽس نيوز) نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ پاڪستان جي دوري جي تصديق ڪري ڇڏي آهي. نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ موجب ڀارت خلاف هوم سيريز کانپوءِ نيوزيلينڊ جي ٽيم پاڪستان جو دورو ڪندي، نيوزيلينڊ جو برصغير جو دورو فيبروري جي شروعات ۾ ختم ٿيندو. نيوزيلينڊ کي ڊسمبر ۽ جنوري 2023 ۾ پاڪستان ۾ ٻن ٽيسٽ ۽ ٽن ون ڊي ميچن جي سيريز کيڏڻو آهي پر سيريز جي شيڊول جو اڃا تائين اعلان ناهي ڪيو ويو. نيوزيلينڊ جي ٽيم ايندڙ سال اپريل ۾ وائيٽ بال سيريز لاءِ پاڪستان واپس ايندي.










