آڪلينڊ(ويب ڊيسڪ) نيوزيلينڊ خلاف پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ لاءِ پاڪستان جي 15 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪيو ويو آهي. شاداب خان جي ڪپتاني ۾ محمد رضوان، شفيق عبدالله، محمد حفيظ، حيدر علي، افتخار احمد، عماد وسيم، فهيم اشرف، وهاب رياض، حارث رئوف ۽شاهين آفريدي شامل آهن. هي رانديگر ممڪنه طور 11 رڪني اسڪواڊ جو حصو بڻبا. ايدن پارڪ آڪلينڊ ۾ پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ جمعي تي کيڏي ويندي.










