نيلم منير جي دبئي جي واپاري سان شادي، صارفين جا دلچسپ تبصرا

نيلم منير جي دبئي جي واپاري سان شادي، صارفين جا دلچسپ تبصرا

دبئي (ويب ڊيسڪ)اداڪارا نيلم منير شاديءَ جو لڊو کائڻ کانپوءِ دبئي، پيا جي گهر هلي وئي.ياد رهي ته گذريل هفتي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ نيلم منير شادي جي ڳالهه ڪئي هئي.هڪ سوال جي جواب ۾ اداڪارا چيو ته هن وقت يا ويجهي مستقبل ۾ شادي ڪرڻ جو ڪو ارادو ناهي.نيلم منير جي اوچتو شادي جي خبر مداحن کي حيران ڪري ڇڏيو آهي.نيلم منير جي اوچتي شادي جتي سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو آهي، اتي صارفين حيران ٿي ويا آهن ته اداڪارا دبئي ۾ شادي ڪئي.هن وقت هر صارف نيلم منير جي مڙس بابت ڄاڻڻ جو خواهشمند آهي، جنهن بابت ڪا به ڄاڻ سامهون نه آئي آهي.سوشل ميڊيا جي مختلف رپورٽن موجب اداڪارا جو مڙس دبئي سان تعلق رکي ٿو ۽ بزنس مين آهي.اداڪارا جي شيخ سان شادي ڪرڻ بابت نيلم منير جي نڪاح پوسٽ تي دلچسپ تبصرا ڪيا پيا وڃن.هڪ صارف چيو ته نيلم منير ”حبيب دبئي اچو“ کي تمام گهڻو سنجيده ورتو آهي جڏهن ته هڪ صارف لکيو ته ”آخرڪار حبيب دبئي هليو ويو“.ڪنهن لکيو آهي ته ”شيخ لڳي ٿو ته وڏو شريف ماڻهو آهي، الله سائين جوڙي کي سلامت رکي.هڪ صارف لکيو ته نيلم منير اڄڪلهه جي ڪيترين ئي اداڪارائن وانگر نامناسب لباس پائڻ بدران خوبصورت ۽ مڪمل لباس پاتو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو