اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ميگا مني لانڊرنگ ۽ جعلي بئنڪ اڪائونٽس ڪيس اسلام آباد منتقل ٿيڻ کانپوءِ نيب راولپنڊي سابق صدر آصف علي ۾زرداري ۽ پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن. اهي نوٽيس نيب راولپنڊي جاري ڪيا آهن ۽ جواب ڏيڻ لاء ٻنهي اڳواڻن کي 20 مارچ تي پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. نيب جي ذريعن جو چوڻ آهي ته آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري کي نيب طرفان مقرره تاريخ تي سوال نامو پيش ڪيو ويندو. نيب ذريعن جو چوڻ آهي ته آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو مان جيڪو به نيب ٽيم جي سوالن جا مطمئن ڪندڙ جواب نه ڏئي سگهيو، ان صورت ۾ مطمئن نه ڪندڙ ماڻهو کي گرفتار ڪري سگھجي ٿو. واضح رهي ته گذريل سال ڊسمبر ۾ به کين نوٽيس جاري ڪيا ويا هئا. ٻئي پاسي جمع تي صبح جو ڪراچي جي بينڪنگ ڪورٽ اڳوڻي صدرآصف علي زرداري ۽ ٻين خلاف ميگا مني لانڊرنگ ڪيس اسلام آباد منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو. عدالت آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر ۽ ٻين جون عبوري ضمانتون به واپس وٺي ڇڏيون هيون. لکت ۾ جاري ڪيل فيصلي ۾ سمورن جوابدارن جي ضمانت واري رقم به خارج ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو، جنهن بعد سابق صدر ۽ ٻين جي گرفتاري جو خدشو ظاهر ڪيو پئي ويو. فيصلي ٻڌائڻ وقت سابق صدر جو وڪيل فاروق ايڇ نائڪ عدالت ۾ موجود هو، ان موقعي تي عدالتي احاطي اندر توڙي ٻاهران سڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا هئا. فاروق نائڪ جو چوڻ هو ته اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر ۽ ٻين جوابدارن جي قبل از گرفتاري ضمانتن ۽ ڪيس جي اسلام آباد منتقلي واري فيصلي کي چيلينج ڪرڻ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪبو.
اگر آپ کو کسی مخصوص خبر کی تلاش ہے تو یہاں نیچے دئے گئے باکس کی مدد سے تلاش کریں