اسلام آباد )بيورو رپورٽ)اسلام آباد جي احتساب عدالت آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس ۾ ناڻي واري وزير اسحاق ڊار خلاف ٻڌڻي ختم ڪري ڇڏي.احتساب عدالت جي جج محمد بشير اسحاق ڊار خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي چيو ته نيب ترميمي ايڪٽ کانپوءِ هن عدالت جو هاڻي ڪيس هلائڻ جو اختيار ناهي رهيو، تنهن ڪري هن عدالت جو نه ئي جوابدارن سان واسطو آهي. ۽ نه ئي نيب ڪو فيصلو ڏئي سگهي ٿو.جج چيو ته ايڪٽ کانپوءِ هن عدالت کي بريت جي درخواستن تي فيصلو ڪرڻ جو اختيار ناهي، تنهن ڪري اسحاق ڊار خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثن جي نيب ريفرنس جي ڪارروائي هتي ئي ختم ڪئي وڃي.










