نوشهرو فيروز(ن سنڌيار)نوشهرو فيروز شهر ٻڏڻ کان بچي ويو، جهٽا ضبط پاڻي ڪڍرائڻ لاءِ احتجاج جاري رپورٽ موجب نوشهرو فيروز ۾ پيل برساتن جو چوطرف پاڻي هجڻ ۽ وري با اثرن پاران فصلن جو پاڻي سرحل مائنر ۽ ٻين ڳوٺن ۾ ڇڏڻ تي ڊي سي محمد تاشفين عالم رينجرس سان گڏجي آبپاشي کاتي جا سرڪاري جهٽا کڻائي ضبط ڪيا آھن جن جو تعداد هڪ درجن ٻڌايو پيو وڃي جيڪي انجنيئر فواد ميمڻ ۽ ڀريا سٽي جو ڀوتار امير علي شاهه پنهنجي فصلن مان پاڻي ڪڍرائڻ لاءِ استعمال ڪري رهيا هئا. هوڏانهن شهرن ۽ ڳوٺن مان پاڻي اڃا تائين نه ڪڍرائڻ تي شهري ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي پريس ڪلب آڏو مظاهرو ڪيو ويو ۽ احتجاجي ڪئمپ جاري رهي احتجاج جي اڳواڻي شهري ايڪشن ڪاميٽي جي اڳواڻ يونس راڄپر، نيشنل پريس ڪلب جي صدر ايم ظفر تڳر، خادم سيال، محمد اڪرم پيرزادو، مهر وسطڙو ۽ ٻين چيو ته چونڊيل نمائندا سرڪاري مال کڻي گم آھن عوام بي يارو مددگار آھي. ايم پي ايز، ايم اينز هٿ سان عوام کي موت جي منهن ۾ ڌڪي گم ٿي ويا آھن ۽ ضلعي انتظاميه وٽ آيل متاثرين جو سامان به کڻي ويا آھن. سڄي ميونسپل شهر ۽ لاڳاپل ڳوٺ پاڻي ۾ ٻڏل آھن جنهن سبب وڏي تباهي بربادي ٿي چڪي آھي ۽ ڪافي بيمارين مڇرن جيتن منهن ڪڍيو آھي هنن متاثرين کليل آسمان هيٺ جي مدد ڪرڻ سان گڏ پاڻي نيڪال ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. ٻئي پاسي قومي شاهراهه تي وڏا وڏا کڏا پوڻ ۽ روڊ ويهي وڃڻ ڪري ٽرئفڪ بدستور بند آھي ۽ هزارين گاڏيون رڳو ضلعي نوشهرو فيروز جي حدن ۾ ڦاٿل آھن.










