نوجوان جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف سنڌ مري اتحاد جو احتجاج

نوجوان جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف سنڌ مري اتحاد جو احتجاج

ٽنڊومستي( نادرعلي اڄڻ ) ڪجھ ڏينهن اڳ ضلعي سانگهڙ جي ڳوٺ شاھ بيگ مري ۾ بيگناه  قتل ٿيل پورهيت زاهد حسين مري جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف سنڌ مري اتحاد ضلعي خيرپور جي عهديدارن ۽ ميمبرن پاران ٽنڊومستي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري جوابدارن کي جلد گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو. ان موقعي تي سنڌ مري اتحاد جي صوبائي رابطا سيڪريٽري رحم حسين  مري، ضلع سيڪريٽري بخت علي مري، نائب صدر رزاق خان مري، احسان علي، رياضت، بنگل خان، سليم رضا، رضا حسين مري صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ضلع سانگهڙ جي ڳوٺ شاھ بيگ مري جي رهواسي پورهيت زاهد حسين مري کي بيگناھ قتل ڪيو ويو آھي جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪجي ٿي ۽ اسان  آءِ جي سنڌ، ايس ايس پي سانگهڙ ۽  ٻين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ٿا ڪيون ته مقتول جي قاتلن کي جلد گرفتار ڪري کين عبرتناڪ سزا ڏني وڃي نه ته ٻي صورت ۾ سنڌ مري اتحاد جي طرفان سجي سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويندا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو