نوازشريف کي سفارتي پاسپورٽ جاري ڪرڻ  وارو مامرو، ٻڌڻي لاءِ مقرر

نوازشريف کي سفارتي پاسپورٽ جاري ڪرڻ وارو مامرو، ٻڌڻي لاءِ مقرر

اسلام آباد: (م ڊ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ نوازشريف کي سفارتي پاسپورٽ جاري ڪرڻ کان روڪڻ جي درخواست سومر تي ٻڌڻي جي لاءِ مقرر ڪري ڇڏي آهي. درخواست داخل ڪندڙ اڳوڻي وزيراعظم جي ملڪ واپسي تي کيس گرفتار ڪرڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي. درخواستگذار نعيم حيدر طرفان داخل ڪيل درخواست ۾ چيو ويو آهي ته نوازشريف سزا يافته اشتهاري ڏوهاري آهي، کيس پاسپورٽ جاري ڪرڻ کان روڪيو وڃي. نوازشريف کي ملڪ واپس اچڻ تي فوري طور تي گرفتار ڪيو وڃي. درخواست ۾ نوازشريف، گهرو سيڪريٽري ۽ پرڏيهي سيڪريٽري کي ڌر بنايو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو