نوازسمجهي ويو آهي ته شهباز پنهنجي اقتدار لاءِ ڪيستائين وڃي سگهي ٿو: شيخ

نوازسمجهي ويو آهي ته شهباز پنهنجي اقتدار لاءِ ڪيستائين وڃي سگهي ٿو: شيخ

راولپنڊي: (بيورو) عوامي مسلم ليگ جي اڳواڻ شيخ رشيد چيو آهي ته نوازشريف کي سمجهه اچي وئي آهي ته شهباز شريف پنهنجي اقتدار جي لاءِ ڪيستائين وڃي سگهي ٿو. شيخ رشيد پنهنجي بيان ۾ چيو ته عمران خان جي مشهوري ڏسي کانئس ڊنل ماڻهو سندس خلاف دهشتگردي جا پرچا ڪٽرائي رهيا آهن ۽ اليڪشن کان ڀڄي رهيا آهن، هو هاڻ اسٽيبلشمينٽ کي پنهنجي مدد جي لاءِ سڏي رهيا آهن، عوام جون رڙيون فرش کان عرش تائين پهچي چڪيون آهن.سيپٽمبر حساب ڪتاب جو مهينو ٿيندو. نوازشريف کي ڳالهه سمجهه ۾ اچي وئي آهي ته شهباز شريف پنهنجي اقتدار جي لاءِ ڪيستائين وڃي سگهي ٿو. شيخ رشيد چيو ته ووٽ ڏيندڙ ٻوڏ جي پاڻي ۾ مري رهيا آهن ۽ ووٽ وٺڻ وارا اسلام آباد ۾ مزا ماڻي رهيا آهن.آءِ ايم ايف جو لکيل خط عوام جي سامهون آندو وڃي ته جيئن عوام کي ايندڙ عذاب جي باري ۾ خبر پئجي سگهي. هن چيو ته سموري دنيا ۾ پيٽروليم شين جون قيمتون گهٽ ٿي ويون آهن، جڏهن ته اسان 20 روپيه في ليٽر وڌيڪ ٽيڪس لڳايو ويندو. ڊالر کي پر لڳي ويا آهن. هن وقت عوام جي مدد ڪرڻ جي ضرورت آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو