نواز ليگ هٿان بليڪ ميل ٿينداسين نه رعايت ڏبي،شبلي فراز

نواز ليگ هٿان بليڪ ميل ٿينداسين نه رعايت ڏبي،شبلي فراز

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اطلاعات جي وفاقي وزير شبلي فراز ملڪ ۾ بجلي ۽ عام واهپي جون شيون مهانگيون ٿيڻ جو ذميوار اپوزيشن کي قرار ڏيندي چيو آهي ته گذريل حڪومت رڳو مالي بحران ورثي ۾ ڇڏي وئي هئي، اسلام آباد ۾ ڊگهي پريس ڪانفرنس دوران هن چيو ته وزيراعظم عمران خان اقتدار سنڀاليو ته قرضن جي ادائگي جو چئلينج هو، اپوزيشن وارن پنهنجن حڪومتي دورن ۾ رشوت جي بازار گرم ڪئي، هاڻي نيب اُنهن جي پويان آهي ته اُن جا به ڪارڻ هوندا، چوري توڙي ڦرلٽ جي ڪيسز ۾ ضمانتون وٺندڙ جيل ڀوڳيندڙ ڪهڙي منهن سان مهانگائي جا ڀاشن ڏئي رهيا آهن، نواز ليگ تي تنقيد ڪندي شبلي فراز چيو ته توهان ادارن کي بليڪ ميل ڪرڻ گهرو ٿا پر ائين نه ٿيندو، نواز ليگ اهڙي عدليه چاهي ٿي، جيڪا سندن مرضي موجب فيصلا ڏئي، اُهي ڪنهن به آرمي چيف سان به ٺاهي نه هليا. هن چيو ته عمران خان بهادر ماڻهو آهي، ڪنهن به دٻاءُ ۾ نه ايندو ۽ اپوزيشن کي ڪابه رعايت نه ملندي،

پهنجو تبصرو موڪليو