لنڊن)ويب ڊيسڪ)نواز شريف پارٽي قيادت سان وفاق ۾ حڪومت ڇڏڻ جي آپشن تي غور شروع ڪري ڇڏيو آهي.ذريعن موجب ملاقات ۾ نواز شريف جي پارٽي قيادت جلد چونڊن جي آپشن تي به غور ويچار ڪيو.ذريعن جو چوڻ آهي ته نوازشريف ڪيترائي ڀيرا پي ڊي ايم اڳواڻن ۽ شهباز شريف سان جلد چونڊن ۽ حڪومت ڇڏڻ جي آپشن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي پر آصف زرداري، مولانا فضل الرحمان ۽ ٻين حڪومت ڇڏڻ جي مخالفت ڪئي آهي.ذريعن موجب نواز شريف جو چوڻ آهي ته حڪومت ۾ رهڻ وڌيڪ مسئلن جي نشاندهي ڪري ٿو.










