اسلام آباد (بيورو رپورٽ)وزيراعظم جي سياسي معاملن بابت صلاحڪار رانا ثناءُ الله هڪ ڀيرو ٻيهر پي ٽي آءِ کي ڊيل جي آڇ جي خبرن جي ترديد ڪئي.نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي رانا ثناءُ الله چيو ته پي ٽي آءِ کي نه ته ڊيل جي آڇ ڪئي وئي آهي ۽ نه ئي ڊيل جو آپشن ٽيبل تي آهي.رانا ثناءُ الله واضح ڪيو ته عمران خان کي حڪومت يا اسٽيبلشمينٽ طرفان ڊيل جي آڇ نه ڪئي وئي آهي ۽ نه ئي ٿيندي. عمران خان جي سزا عدالتن ۾ طئي ڪئي ويندي جيئن ماضي ۾ نواز شريف ۽ زرداري سان ٿيو هو.رانا ثناءُ ڪالهه پي ٽي آءِ پاران ڊيل کي رد ڪرڻ بابت ڏنل بيان جي به وضاحت ڪئي.رانا ثناءُ چيو ته هن چيو هو ته پي ٽي آءِ جي باني 24 نومبر جي احتجاج جي حوالي سان ڊيل کي رد ڪيو هو.










