نوابشاهه ۽ لاڙڪاڻي ۾ مختلف حادثن ۾ 8 ڄڻا فوت

نوابشاهه ۽ لاڙڪاڻي ۾ مختلف حادثن ۾ 8 ڄڻا فوت

ڪراچي (ويب ڊيسڪ)نوابشاهه ۽ لاڙڪاڻي ۾ حادثن ۾ 8 ڄڻا فوت ٿي ويا.نوابشاهه ۾ مسافر وين ٽرالر سان ٽڪرائجي وئي، حادثي جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا فوت ۽ 10 زخمي ٿي پيا.پوليس موجب نوابشاهه ۾ باراتين جي وين ڳوٺ واپس اچي رهي هئي ته قاضي احمد بائي پاس وٽ ٽرالر سان ٽڪرائجي وئي.پوليس جو چوڻ آهي ته لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، مارجي ويلن جو تعلق سولنگي برادري سان آهي.ٻئي طرف لاڙڪاڻي ۾ موهن جو دڙو ڀرسان موٽرسائيڪل ۽ ٽريڪٽر ٽرالي ۾ ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا فوت ٿي ويا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو