نواب شاهه ۾ يونيورسٽي بس جو وين سان ٽڪر، 3 ڄڻا فوت

نواب شاهه ۾ يونيورسٽي بس جو وين سان ٽڪر، 3 ڄڻا فوت

نوابشاهه (ويب ڊيسڪ)نوابشاهه ۾ شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي جي شاگردن سان ڀريل بس جو مسافر وين سان ٽڪر ٿي پيو.حادثي جي نتيجي ۾ 3 مسافر فوت ۽ 12 زخمي ٿي پيا.حادثي ۾ فوت ٿيلن جا لاش ۽ زخمين کي پيپلز ميڊيڪل اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي جي بس دولتپور کان شاگردن کي کڻي اچي رهي هئي ته سامهون کان ايندڙ مسافر وين سان ٽڪرائجي وئي.پوليس موجب حادثو ڪوهيڙي سبب پيش آيو.

پهنجو تبصرو موڪليو