ننڍي اليڪشن ۾ پنجاب حمزه شهباز کي رد ڪري ڇڏيو: پرويز الاهي

ننڍي اليڪشن ۾ پنجاب حمزه شهباز کي رد ڪري ڇڏيو: پرويز الاهي

لاهور(م ڊ) پنجاب اسيمبلي اسپيڪر چوڌري پرويز الاهي جهنگ ضلعي ۾ تاريخي فتح تي رانا شهباز احمد خان کي مبارڪ ڏيندي چيو ته سوشل ميڊيا عوام ۾ شعور آندو آهي ننڍي چوند ۾باضمير ووٽرن ووٽ جي طاقت سان پاڪستان مسلم ليگ (ن) جو تخت اوڌو ڪري ڇڏيو آهي اهڙن خيالن جو اظهار هن احمد پور سيال مان اڳوڻي صوبائي پارليماني سيڪريٽري لائيواسٽاڪ ۽ ڊيري ڊيولپمينٽ، ايم پي اي رانا شهبازاحمد سان ملاقات ڪندي ڪيو هن چيو ته ننڍي اليڪشن پنجاب حڪومت تي قابض حمزه شهباز کي رد ڪري ڇڏيو هن چيو ته عوام سڀ کان وڏي طاقت آهي (ن) ليگ پنهنجو ڌاڪو ڄمائڻ لاءِ غيرآئيني طريقا استعمال ڪيا پر ننڍي چونڊ ۾ عوام ان جو برو حال ڪري ڇڏيو آهي هاڻي وڏيرا شاهي ۽ روايتي سياست جي پاڙ پٽجي چڪي آهي هن چيو ته (ن) ليگ جيڪو ڪيو ان جو بدلو پي ٽي آئي نه پر عوام ورتو آهي. هن چيو ته حمزه شهباز پنجاب اسيمبلي کي هاءِ جيڪ ڪري پاڻ کي مڙهيو ۽ هاڻي وڏي ذلت سان عهدو ڇڏڻو پوندو.

پهنجو تبصرو موڪليو