ڏھرڪي(رپورٽ اسد غفور ڀٽو) ايگريڪلچر جي ٽيم جي ڇاپي بعد سيل ٿيل زرعي دوائن جا دڪان ٻيھر کلي ويا. آبادگارن ڊيل ٿيڻ جو خدشو ظاھرڪندي عدالت سان رابطي جو اعلان ڪري ڇڏيو. زميندارن رجب شر ۽ بھرام شر اڄ ڏھرڪي شھر ۾ سيل ٿيل زرعي دوڪانن جي اڳيان دانھيندي چيو آھي ته ڏھرڪي جي ڪامريڊن جي احتجاج کان پوء ايگريڪلچر ٽيم پاران نقلي دوائون رکندڙ ڊيلرن کي بند ڪيو ويو ھيو. جيڪي اڄ وري ٻيھر کلي ويا آھن اھو اسان زميندارن سان سراسر زيادتي ۽ اسان جي حقن تي ڌاڙو آھي. انھن خدشو ڏيکاريو ته اسان کي خدشو آھي ته ڪجھ نام نھاد ڪامريڊن جي ملي ڀڳت سان ۽ پيسن جي ڏيتي ليتي بعد سيل ڪيل دوڪان بنا ڪنھن انڪوائري جي کلي ويا آھن انھن چيو ته ڪنھن به ڪامريڊن کي اسان پنھنجي ٿيل نقصان تي سودو نه ڪرڻ ڏينداسين. انھن چيو ته جيڪڏھن اسان جي ٿيل نقصان جو ازالو ۽ نقلي دواين ھلائيندڙن خلاف ڪاروائي نه ٿي ته اسان ڪورٽ سڳوري جو دروازو کڙڪائينداسون.










