نصيرآباد۾ پوليس چيڪ پوسٽ تي فائرنگ، 2 اهلڪار شهيد

نصيرآباد۾ پوليس چيڪ پوسٽ تي فائرنگ، 2 اهلڪار شهيد

نصير آباد(ويب ڊيسڪ)بلوچستان جي ضلعي نصيرآباد ۾ پوليس چيڪ پوسٽ تي اڻڄاتل هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ چيڪ پوسٽ تي موجود 2 پوليس اهلڪار مارجي ويا.ڊي آءِ جي عبدالحئي امير بلوچ موجب جعفر آباد جي چوڪي مندراني وٽ شڪي موٽرسائيڪل سوارن کي روڪڻ جو اشارو ڪيو ويو.ڊي آءِ جي جو چوڻ هو ته اڻڄاتل هٿياربندن پوليس چوڪي تي روڪڻ بدران فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ اتي موجود ٻه پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويا.

پهنجو تبصرو موڪليو