نجي اسپتال ۾ دهشتگردن جو علاج، وسيم اختر جا وارنٽ جاري

نجي اسپتال ۾ دهشتگردن جو علاج، وسيم اختر جا وارنٽ جاري

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)خانگي اسپتال ۾ دهشتگردن جي علاج بابت ڪيس ۾ اڳوڻي ميئر وسيم اختر جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ويا آهن. دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ خانگي اسپتال ۾ دهشتگردن جي علاج بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. ٻڌڻي دوران پوليس جي جاچ آفيسر ٻڌايو ته جوابدار خلاف نارٿ ناظم آباد ٿاڻي ۾ 2015ع ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو هو. وسيم اختر جي وڪيل حاضري کان ڇوٽ جي درخواست داخل ڪئي پر عدالت وسيم اختر جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست رد ڪري ڇڏي. عدالت رمارڪس ڏيندي چيو ته گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ويا آهن ان جي تعميل ڪريو.

پهنجو تبصرو موڪليو