نامعلوم ماڻهو سرڪاري دوائون اڇلي فرار

نامعلوم ماڻهو سرڪاري دوائون اڇلي فرار

رتوديرو (فدا حسين لاشاري ) ڳوٺ جلباڻي وٽ سم شاخ تي لکين روپين جون سرڪاري دوائون هٿ آيون آهن. لاوارث دوائون اڇلايل  ڏسي ڳوٺاڻن  صحافين کي اطلاع ڏنو . ڳوٺاڻن ٻڌايو ته اسان ڏٺو ته سوزڪي تان ڪجهه ماڻهو ڪارٽون لاهي اڇلائي رهيا هئا انهن جي وڃڻ بعد اسان پهچي ڏٺو ته اتي وڏي مقدار ۾ سرڪاري دوائون پيون هيون. جڏهن ته اڇلايل دوائن ۾ مختلف مرضن جا سيرپ، ڪيپسول ۽ ٽيبليٽ وغيره شامل آھن. ياد رهي ته اهي دوائون مدي خارج به نه هيون، حڪومت طرفان عوام لاء مليل لکين روپين جون سرڪاري دوائون ڪٿان ڪهڙي سرڪاري اسپتال بنيادي صحت مرڪز تان کڻي اچي اڇلايون ويون آھن صحت کاتي کي فوري نوٽيس وٺي اهڙن انسان دشمن عناصرن خلاف ڪاروائي ڪرڻ گهرجي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو