ناسور بڻيل قبيلائي تڪرار،ڳوٺاڻا روڊن تي نڪري آيا،احتجاج

ناسور بڻيل قبيلائي تڪرار،ڳوٺاڻا روڊن تي نڪري آيا،احتجاج

نوشھرو فيروز (ن سنڌيار)ڳوٺ ميوو خان ٻٻر ۽ ڀائي خان ٻٻر جي ٻٻر برادري پاران ڳڙھي خيرو تعلقي لاء ناسور بڻيل قبيلائي تڪرار هڪ ئي ڏينهن ۾ ٻٻر برادري جا 6 ڄڻا قتلي عام خلاف هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي دودا پور پوليس ۽ مقامي وڏيرن خلاف مولانا عبيد الله سنڌي چوڪ کان احتجاجي مظاهرو ڪري پريس ٻاهران ڌرڻو هنيو جتي اڳواڻي ڪندڙن خان ٻٻر مظهر ٻٻر مجاهد صابر جانشير ٻٻر نعمان ٻٻر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڇتي نعري بازي ڪندي چيو ته ڳڙي خيرو دوداپور ٿاڻي جي حد ڇٽل آباد ۾ پلاٽ جي مالڪي تان ٿهيم ۽ ٻٻر برادري ۾ جهيڙو ٿي پيو ڌرين پاران هڪ ٻئي مٿان 8 ڪلاڪن تائين جديد هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا جنهن ۾ ٻٻر برادري گڀرو 6 نوجوان قتل ٿي ويا پر پوليس ۽ چونڊيل نمائيندا اگهور ننڊ ستل آهن هنن چيو ته سنڌ اندر قبيلائي جهيڙا ختم ڪرائي مقتولن جي وارثن سان انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيا ويندا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو